ڊسٽرڪٽ انفارميشن ڪيجهر ميمڻ جي پريس ڪلب بدين جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد

news

بدين: ڊسٽرڪٽ انفارميشن ڪيجهر ميمڻ چيو آهي ته پريس ڪلب ۽ اطلاعات کاتي جو هڪ ٻي سان بهتر تعلقات ضروي آهن پريس ڪلب بدين جي نئين چونڊيل باڊي تي مبارڪون ڏيڻ پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي ڪيجهر ميمڻ وڌيڪ چيو ته منهنجي پوسٽنگ کان پهرين مقرر آفيسرن پاران صحافين سان بهتر ڪوآرڊيشن سبب هن وقت اسان کي صحافين جي حوالي سان ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچي رهيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پريس ڪلب بدين جا صحافي سنڌ سرڪار جي عوام جي خدمتن لاءِ ڪيل ڪمن جي عوام کي آگاهر ڏيڻ گڏ ضلع جي عوام جا جائز مسئلا  حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ان موقعي  تي پريس ڪلب جي صدر ملڪ محمد الياس سينئر صحافي تنوير احمد آرائين عبدالمجيد ملاح پڻ خطاب ڪيو.