ڏوڪري: موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن، سيشنن ۾ مختلف رخن تي بحث

news

ڏوڪري:  موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن،  سيشنن ۾ مختلف رخن تي بحث، ڪانفرنس جو اڄ آخري ڏينهن، ماهرن جي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ويندي،

تفصيل موجب ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران ڪوٺايل انڊس اسڪرپٽ تي عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏهاڙي تي سنڌو ماٿر جي لکت جي مختلف رخن جي حوالي سان ٽي سيشن منعقد ڪيا ويا،

جنهن ۾ اسڪالرز ڊاڪٽر گريڪ جيمسن، ڊاڪٽر ايومو ڪوناسوڪاوا ۽ ڊينيز فرينز پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندڙ اسڪالرز جا پيپر پڙهيا ويا. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن جي مقالن ۾ انڊس مهرن ۾ استعمال ڪيل ٽيڪنڪ، اسٽائل ۽ نقش نگاري تي بحث ڪيو ويو.

ان حوالي سان ڊاڪٽر گريڪ جيمسن ٽن قسمن جون مهرن، جن تي يونيڪورن unicorn  ٺهيل آهي، جي باري ۾ پنهنجو تجزيو پيش ڪيو. انڊس تحريري نظام جي تحقيق ۾ هن انهن سڀني قسمن جي مهرن ۾ يڪسانيت جي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن پنهنجي فيلڊ ريسرچ جي دوران مختلف سائيٽس کان دريافت ڪيل مهرن جو پاڻ ۾ تقابلي جائزو ورتو ۽ انهن مان ڪو نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر گريڪ پنهنجي تحقيق مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ائين لڳي ٿو ته ڪافي جڳهن تي مختلف سائيٽس مان ملڻ وارين مهرن ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي  آهي. جڏهن ته ڪن جڳهن تي اهي هڪٻئي کان بلڪل مختلف نظر اچي رهيون آهن.

هن چيو ته ان ڳالهه جا ڪافي مثال ملن ٿا ته مهرون ٺاهڻ جا مرڪز ڪافي جڳهن تي ڦهليل هئا ۽ انهن کي ٺاهڻ وارا ڪاريگر جانورن جا نقش ٺاهڻ سان گڏوگڏ لکت واري ڏانءَ مان به واقف هئا.  هن جو خيال هو ته ان طرح جي تصويري تقابلي تجزيي جي مدد سان اسان انهن وچ ۾ هڪجهڙائي ۽ مختلف پڻي diversity جي تمام رخن جو پتو لڳائي سگهون ٿا، جنهن مان اسانکي مهرون ٺاهڻ وارن مرڪزن ۽ مهرون ٺاهيندڙ هنرمندن جي پڻ آگاهي ملي سگهي ٿي.

ان جي مدد سان اسان کي خبر پوندي ته انڊس مهرون جا تمام مرحلن کي ڪهڙي ضابطي جي تحت ۽ ڪيئن ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. ان کان علاوه جاپان کان آيل ڊاڪٽر ايومو ڪوناسوڪاوا پنهنجي تحقيق پيش ڪئي، جنهن ۾ هن هڙاپا جي اوائلي دور ۾ انڊس جي لکت واري نظام جي مختلف دورن ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لاءِ گهگر بيسن مان ملڻ واري انڊس مهرون جي افاديت تي روشني وڌي.ان کان بعد ڊاڪٽر ڊينيز فرينز پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ مٽيءَ مان ٺهيل ٿانون ۽ انهن تي نقش ٿيل علامتن خصوصي طور تي اولھ ايشائي سائيٽن مان مليل اهڙيون مهرون۽ انڊس مهرن وچ ۾ تفصيلي طور تي ڀيٽ پيش ڪئي.

هن چيو ته اهڙي قسم جي مٽيءَ جون مهرون مختلف سامان ۽ مٽا سٽا وارين شين جي انتظامي ۽ ضابطي وارن مقصدن لاءِ استعمال ٿينديون هيون، ان مان اسان کي هن قديم شهر جي مختلف سماجي ۽ اقتصادي رخن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.ڀارتي اسڪالرز مُهين جي دڙي واري ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا.

جڏهن ته انهن پاران اِي ميل جي ذريعي موڪليل ريسرچ پيپر ڪانفرنس م پيش ڪيا ويا.  انڊيا جي ٽن اسڪالرز ڊاڪٽر ايم اين واهيا، ڊاڪٽر راجيش رائو ۽ ڊاڪٽر نِشا ياديو جي گڏيل ريسرچ پيپر ۾ انڊس اسڪرپٽ ۽ انڊس ريجن جي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي رخن جڏهن ته ڊاڪٽر نِشا ياديو جي پنهنجي اڪيلي تحقيقي مقالي ۾ انڊس اسڪرپٽ کي سمجهڻ لاءِ ڪمپيوٽيشنل اسٽڊيز تي تفصيلي روشني وڌي وئي.

جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اڪثر عالمن جي سوچ جي ابتڙ انڊس اسڪرپٽ پنهنجي ساخت ۾ لساني ماڊل جي وڌيڪ ويجهو آهي. اهڙي تحقيق کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته انڊس اسڪرپٽ ۾ نقش ڪيل علامتون ۽ نشانيون مڪمل طور تي فارمل/ بامقصد هيون ۽ نه ڪي بس ائين ئي بي مقصد قسم جي منتشر خيالن کي علامتن جي شڪل ڏني وئي.

ان کان علاوه اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته اهڙيون علامتون ۽ مهرون هڪ تمام اعليٰ قسم جي ضابطي واري پيداواري طريقي سان ٺاهيون وينديون هيون. اهڙي جائزي مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته مهرون مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون ۽ اهڙن سڀني مقصدن لاءِ جوڙيل اصول ۽ ضابطه توڙي حدون مهرون استعمال ڪندڙ ماڻهن کي ڀَليءَ ڀت خبر هيون ۽ انهن مهرن جا ماڊلز لساني ماڊلز سان هڪجهڙائي رکندڙ هئا.

ڀارت جي هڪ ٻئي اسڪالر ڊاڪٽر پي ڪي چوڌريءَ جو ريسرچ پيپر پنجاب يونيورسٽي کان آيل ڊاڪٽر عبدالحميد پيش ڪيو.  ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن جي آخري سيشن ۾ سنڌو تهذيب جي لکت جي ڀاڃ جي لاءِ گهربل وڌيڪ ڪوششن ۽ سفارشن تي روشني وڌي وئي جن کي سڀاڻي ڪانفرنس جي آخري ڏينهن حتمي شڪل ڏئي اختتامي سيشن ۾ پڌرو ڪيو ويندو.