آسٽريليا ۾ هڪ ڪتي خوفناڪ باهه مان سوين جانيون بچائي هيرو بڻجي ويو

news

سڊني: (ڇنڇر 11 جنوري 2020ع)  آسٽريليا ۾ هڪ ڪتي سوين رڍن کي جهنگ ۾ لڳل خوفناڪ باهه مان سڙڻ کان بچائي ورتو جنهن کي دنيا هيرو جي لقب سان نوازي ڇڏيو آهي.

آسٽريليا ۾ گذريل مهيني کان خوفناڪ باهه لڳي هئي جنهن سبب هينئر تائين ڪروڙين جانور مري چڪا آهن پر هڪ ڪتو سوين رڍن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پيٽسي نالي ڪتو پنهنجي مالڪ سان گڏ زمين تي هو ته ان پنهنجي مالڪ کي زمين تي باهه وسائيندي ڏٺو جڏهن ته ٻئي زمين ۾ رڍن جو هڪ وڏو ولر ويجهو ايندڙ باهه سبب پريشان هئو ۽ ان کي بچائڻ وارو ڪوبه نه هو. پيٽسي اهو منظر ڏسندي ئي ٻئي زمين ۾ داخل ٿي ويو ۽ رڍن جي چوڌاري چڪر لڳائي انهن کي هڪ طرف ڌڪڻ لڳو.

اهڙي طرح ڪتي سمورين رڍن کي باهه کان بچائي هڪ محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جڏهن ڪتي جي مالڪ ان طرف ڌيان ڏنو ته ٻنهي ملي نه صرف بي زبان رڍن کي بچايو پر جتي هو موجود  هيون ان زمين کي به باهه کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ايستائين جو مالڪ ۽ ان جي پالتو ڪتي ملي فارم هائوس ۾ موجود هڪ ننڍو گهر ۽ اتي موجود ڪڻڪ وغيره کي به باهه کان محفوظ ڪيو.