ذهني دٻاءُ وڌائيندڙ پنج اهڙيون عادتون جيڪي اوهان ۾ به ٿي سگهن ٿيون

news

نڇر 11 جنوري 2020ع) اڄڪلهه تقريبن هر ٻيو ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ان ذهني دٻاءُ جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ ڪم جي دٻاءُ سبب ناقص زندگي به شامل آهي. ڪنهن به قسم جو دٻاءُ انساني صحت کي متاثر  ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي.

ڇڪتاڻ ۽ دٻآءُ جي ڪيفيت نه صرف دل جي بيماري وڌڻ جو امڪان وڌائيندي آهي پر ان ۾ وزن ۾ اضافو وڌڻ جا به خطرا وڌي ويندا آهن. اهوئي سبب آهي ته اڄ اسان اوهان کي اهڙيون عادتون ٻڌائينداسين جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اوهان جي اندر ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت کي وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. ان عادتن کي سڃاڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اوهان ان عادتن تي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته ائين ڪرڻ سان اوهان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهو ٿا.

اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته هو هر معاملي ۾ ُڌيڪ سوچيندا آهن، اها هڪ ننڍي عادت اوهان کي ذهني دٻاءٌ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان ۾ به اها عادت آهي ته ضروري آهي ته ان عادت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو وڌيڪ سوچڻ سان دٻاءَ جي ڪيفيت ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏ جسم جا سمورا عضوا به متاثر ٿيندا آهن. پر اوهان کي اهو سمجهڻ کان پوءِ به پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته ان عادت تي مڪمل طور تي قابو ڪري سگهجي ٿو.

مڪمل ننڊ انساني جسم جي لاءِ نهايت ئي اهم سمجهي ويندي آهي ڇو ته مڪمل ننڊ جي ڪري جسم جي سموري نظام جي ڪارڪردگي ٺيڪ ٿي ويندي آهي. ننڊ جي گهٽتائي ڪنهن به ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان به اسٽريس جو شڪار آهيو ته ضروري آهي ته اوهان مڪمل ننڊ ڪريو. ٻئي طرف متوازن خوراڪ ۽ ورزش به دٻاءَ جي ڪيفيت کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. ڇا اوهان به پنهنجي زندگي م هر وقت غير منظم رهندا آهيو.؟  جيڪڏهن اوهان جو جواب ها آهي ته اها عادت اوهان کي دٻاءُ جو شڪار ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته غير منظم هجڻ جي ڪري ٿيندڙ دٻاءُ کان پري رهو ته ان جي لاءِ اوهان کي منظم طريقي سان زندگي جي عادت کي اپنائڻو پوندو.

پنهنجي ڪمري، آفيس جي ٽيبل ۽ سمورين شين  کي ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ان کي ان جي جڳهه تي رکي ڇڏيو ته جيئن اوهان دٻاءُ کان بچي سگهون. ضرورت کان وڌيڪ موبائل فون جو استعمال ڪرڻ به اوهان کي دٻاءُ ۾ مبتلا ڪري سگهو ٿا. ان ڪري بهتر اهو آهي ته اوهان ان جو استعمال به محدود ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان ڪنهن الرجي يا بيماري ۾ مبتلا آهيو ته پهريان ڊاڪٽر کان مشورو ضرور ڪريو.