پنوعاقل ڀرسان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مامري تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

news

پنوعاقل: پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ دورڻ مھر م مھر برادري جي ٻن ڌرين م زمين جي ماماري تان جھيڙو، لٺيون لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو، گھرم قھرام، واقعي بعد ڌرين م ڇڪتاڻ وڌي وۂي، پوليس پڪٽ قاۂم ڪري ورتي.

سلطانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ دُورڻ مھر ۾ زمين جي تڪرار تان مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو،جھيڙي دوران ھوائي فائرنگ ڪئي وئي.

جڏھن ته لٺيون لڳڻ ڪري 40 ورھين جو عطاءُ الله مھر مارجي ويو، اطلاع تي سلطانپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال پنوعاقل پھچايو.

جتان ضروري ڪارواۂي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي سلطانپور پوليس ٻڌايو ته رحمت الله مھر ۽ خدابخش مھر جي ٻن ڌرين ۾ زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي جنھن ۾ اڄ ٻنھين ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ رحمت الله مھر واري ڌر جو ھڪ ڄڻو مارجي ويو آھي.

ھوڏانھن واقعي بعد ڌرين م ڇڪتاڻ وڌي وۂي آھي، آخري اطلاعن تاۂين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو آھي.