سون جي اگهه ۾ هڪ دفعو وري اضافو

news

ڪراچي: ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪراچي جي صرافا مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ دفعو وري اضافو ٿي ويو.
صرافا بازار ۾ سون جو في تولو اگهه 800 رپين جي اضافي کانپوءِ 90 هزار 300 رپيا ٿي ويو.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن 10 گرام سون جو اگهه 686 رپيا اضافي کانپوءِ 77 هزار 418 رپيا ٿي ويو.
ياد رهي ته خميس جي ڏينهن سون جي اگهه ۾ في تولو 2400 رپين جي گهٽتائي ٿي.