جروار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني: چوريون ،ڌاڙا،ڦرون روز جو معمول بڻيل

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: وقار اختر ملڪ) جروار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي ۽ سماجي بُرايون عروج تي پُھچي ويون آھن چوريون ،ڌاڙا،ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آھن جروار پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.

جڏھن ته  ايس ايس پي گھوٽڪي سميت ڪنھن به بالا آفيسر بدامني کي ٻنجو ڏيڻ لاء اڃان تائين ڪو تڪڙو قدم نه کنيو آھي ، چور ،ڦورو راڄ جا راڻا بڻيل آھن ۽ عوام لاء آزار جو سبب بڻيل آھن.

  ان سلسلي ۾ فنڪشنل ليگ ، جي يو آء پي ٽي آء سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شھرين پاران جروار جي مين چوڪ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آھي،

ان موقعي تي قادري چنڙ غلام رسول بوزدار اختيارگبول ۽ ٻين ان موقعي تي چيوآھي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان بدامني  چوٽ چڙھي وئي آھي ۽ ايس ايڇ اوجروار آرامي پيل آھي.

جيسيتائين بدامني کي ٻنجو ۽ سماجي برايون ختم نه ڪيون وينديون تيسيتائين اسان جي احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو.