ايران: برطانوي سفير شڪي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار

news

تھران:(آچر 12 جنوري 2020ع) ايراني اختيارين برطانوي سفير راب ماڪايئر کي شڪي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني حڪومت طرفان يوڪرائني جهاز کي ڪيرائڻ جو اعتراف ڪرڻ کان پوءِ تهران جي امير ڪبير يونيورسٽي جي شاگردن جي احتجاج جي دوران برطانوي سفير شڪي سرگرمين ۾ ملوث نظر آيو جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ايراني سيڪيورٽي فورس کيس يونيورسٽي جي سامهون واقع دڪان مان گرفتار ڪيو آهي هو اتي شاگرد اڳواڻن سان ملاقات جي لاءِ ويو هو. ٻئي طرف برطانوي پرڏيهي آفيس تهران ۾ برطانوي سفير راب  ماڪايئر جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. 

برطانوي پرڏيهي وزير ڊامينڪ ر آب جو چوڻ آهي ته اسان جي سفير جي گرفتاري عالمي قانون ۽ سفارتي آداب جي کليل ڀڃڪڙي آهي.