بلوچستان مان گم ٿي ويل اٺ ڄڻا بازياب

news

ڪوئٽه:(آچر 12 جنوري 2020ع)  ڪوئٽه ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي جي لاءِ قائم حڪومتي ڪميشن ڇهن ڏينهن جي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. جنهن ۾ 85 ڄڻن جا ڪيس ٻڌا ويا.

بلوچستان جي گهرو وزارت موجب گم ٿي ويلن جي بازيابي جي لاءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس رٽائرڊ فضل الرحمان جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن 6 کان 11 جنوري تائين ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نوشڪي مان تعلق رکندڙ گم ٿي ويل شخص جي گهر پهچڻ جي تصديق ڪئي.

گم ٿي ويلن جي بازيابي جي لاءِ قائم ڪميشن ڇهن ڏينهن جي دوران 85 گم ٿي ويل ماڻهن جا ڪيس ٻڌا. ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي گڏيل طور تي 8 ڄڻن جي بازياب ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.

جنهن ۾ ٻن جو تعلق آوارن، دوڪا، ڪيچ جڏهن ته ڪوئٽه، ڪچهي، نوشڪي ۽ پنجگور مان هڪ هڪ شخص جي بازيابي جي تصديق ٿي آهي.