چئن سالن جي محنت کان پوءِ مڪمل گول اسمارٽ فون تيار

news

لاس ويگاس: (آچر 12 جنوري 2020ع) اسمارٽ فون جا دلچسپ ۽ عجيب و غريب ڊزائين  سامهون ايندا رهندا آهن. هاڻ لاس ويگاس جي سي اي ايس 2020 نمائش ۾ مڪمل طور تي گول اسمارٽ فون پيش ڪيو ويو آهي.

ڪمپني موجب 2015ع کان ان فون جي ڊيزائن تي ڪم جاري هو. هي جسامت ۾ فيس پائوڊر جي گول ڊٻي جيان آهي ۽ ان کي سرڪل نه پر(سائرڪل فون) جو نالو ڏنو ويو آهي. پنهنجي جسامت جي آڌار تي هي آساني سان ننڍي کيسي ۾ هليو ويندو آهي. چار سال اڳ ان جي تياري هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني ڪئي هئي ۽ ان جي لاءِ ڪڪ اسٽارٽر تي ڪرائوڊ فنڊنگ جي شروعات ڪئي وئي هئي.

جيڪڏهن ان ۾ ٽچ اسڪرين ۽  ڪيمرا جي سهوليت موجود آهي پر هي صرف ٽوجي وائرليس سپورٽ فراهم ڪندو آهي جنهن جي ڪري ماڻهو ان کي خريد ڪرڻ ُقت جهجهڪ محسوس ڪري سگهن ٿا. پر جيڪي ماڻهو نون ڊيزائنن وارا فون پسند ڪندا آهن شايد اهي ان کي خريد ڪن ڇو ته ان کي ڪپڙي جي اندروني تهه تي آساني سان لڳائي به سگهجي ٿو.

ڊزائين ۾ دير جو سب گول فون ۾ سرڪٽ جي تياري هو جيڪو سڀني کان وڏو چيلنج ثابت ٿيو. سرڪل فون ٺاهيندڙ ڪمپني جي سربراهه ڪرسٽينا سائر چوي ٿو ته اسڪرين جي تياري هڪ مشڪل مرحلو جيڪو بهتر طريقي سان مڪمل ڪيو ويو آهي.

سائرڪل فون جون سموريون جديد ايپس ڪم ڪنديون آهن ۽ ان سان سيلفي به وٺي سگهجي ٿي. هاڻ پوري آمريڪا ۾ ان فون جي نمائش ۽  تعارفي  تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.