ٽنڊو محمد خان ۾ ٽن ڏينهن واري اکين جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

news

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان جي  سول اسپتال ۾ سرڳواسي پوج آلو مل ايسراڻي جي ياد ۾ ٽي روزه مفت اکين جي ڪيمپ جو افتتاح ، 100 کان مٿي مريضن جي موتئي جا مفت  آپريشن ۽ لينسز لڳايا ويا آهن.

ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ سول اسپتال ۾ سرڳواسي پوج آلو مل ايسراڻي جي ياد ۾ ٽي روزه مفت اکين جي آپريشن واري لڳايل ڪيمپ جو افتتاح سنڌ آبادگار شوگر ملز جي گروپ ڊائريڪٽر آپريشن پاران ڪيو ويو آهي.

انهيءَ موقعي تي ٽنڊو محمد خان شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن کان 200 کان مٿي اکين جي آپريشن جا مريض داخل ڪيا ويا، پهرين مرحلي ۾ اڄ 100 کان مٿي  اکين جي مريضن جي موتئي جا مفت فيڪو آپريشن  ناليواري ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ڪيا .

افتتاحي تقريب کي ڊائريڪٽر سنڌ آبادگار شوگر ملز جي گروپ ڊائريڪٽر آپريشن انجنيئر عبدالرحيم ملاح خطاب ڪندي چيو ته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ سان دلي سڪون ملي ٿو . غريب مسڪين ماڻهن جا مفت اکين جا آپريشن ۽ لينسز واري ڪيمپ لڳائڻ جو سمورو ڪريڊٽ اکين جي ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڏانهن وڃي ٿو . جنهن ڪيترن ئي سالن کان وٺي ٽنڊو محمد خان عوام جي مفت خدمت ڪئي آهي.

ان موقعي تي نامياري اکين جي ماهر سرجن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکان ٿو ، ٽنڊومحمد خان ضلعو منهنجو گهر آهي پر آئون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهيان . جنهن ۾ مخير حضرات هن مشن ۾ منهنجو ساٿ ڏئي رهيا آهن . جنهن سان وڌيڪ جذبو ۽ جوش پيدا ٿئي ٿو . هن وڌيڪ چيو ته سرڳواسي پوج آلومل ايسراڻي جي خاندان هميشه غريب مسڪين  ۽ مظلومن جو ساٿ نڀايو آهي . جنهن جو اڄ واضح ثبوت آهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ اکين جي ٽي روزه مفت ڪيمپ لڳائي وئي آهي.

تقريب کي جنرل مئنيجر مير حسن لاشاري، ڊاڪٽر امير علي چنا، سماجي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، مشڪور ڦلڪارو، ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.