سجاول ۾ عوامي تحريڪ پاران تعليمي ادارن ۾ استاد ۽ سهولتن نه هئڻ خلاف احتجاج

news

سجاول: عوامي تحريڪ ضلعي سجاول طرفان ضلعي سجاول جي تعلقن ميرپور بٺورو، دڙو، ٻنون، جاتي، شاهبندر ۽  سجاول ۾ پرائمري اسڪول ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول بند هئڻ خلاف سجاول ۾ مامون لاڏي چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي حسين آزاد، مجيد پرهياڙ، دريا خان زئور، ايوب ٻائتار، عزيز ميمڻ ۽ محمد ڏيٿو خطاب ڪيو۔

مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي تعليم جي صورتحال خراب آھي سنڌ جي اسڪولن ۾ سهولتون نه آھن. هنن چيو تازي يونسيف جي رپورٽ ۾ سنڌ سڀني صوبن ۾ سڀ کان گهٽ 23 سيڪڙو اسڪولن ۾ سهولتون آھن جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ 44 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 93  سيڪڙو آهي, هنن چيو سجاول ضلعي ۾ سون جي تعداد ۾ پرائمري اسڪول بند آھن جن ۾ اسٽاف جي کوٽ، فرنيچر جي کوٽ، بلڊنگ جي زبون حالت سان گڏ ٻيا به سبب آھن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگردن کي نه ڪتاب ملي ٿو نه ڪو استاد پڙھائڻ لاء آھن، شاگردن ڪلارڪن جي معرفت صرف داخلائون وٺي ڇڏيون آھن ۽ پر ڪو به استاد انهن کي پڙھائڻ لاء نه آھي جيڪا سنڌ جي غريب شاگردن سان سراسر ناانصافي آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد سجاول ضلعي جا هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ پرائمري اسڪول کولي غريبن جي ٻارڙن کي تعليم ڏني وڃي.