ٽنڊو ڄام لڳ نينگر سان مبينا بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف امڙ جو احتجاج

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام لڳ موسى کٽياڻ ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا طور اجتماعي بدفعلي، نينگر جي اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي ويئي، نينگر جي امڙ پاران ٻن جوابدارن خلاف ٽنڊوڄام ٿاڻي تي رپورٽ درج، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، جوابدارن پاران راڄوڻي جون ڪوششون.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ موسيٰ کٽياڻ واري علائقي ۾ 12 ورهين جي نينگر (ر) پٽ (خ) سان ٻن جوابدارن طرفان مبينا طور بدفعلي ڪري اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهي وائرل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

جڏهن ته نينگر جي امڙ (ڪ) پاران ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ٻن جوابدارن خلاف سندس نينگر سان اجتماعي بدفعلي ڪرڻ جي رپورٽ پڻ درج ڪرائي ڇڏي آهي.

رپورٽ درج ٿيڻ باوجود به پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي ميڊيڪل لاءِ اماڻيو ويو آهي.

ٻئي طرف ذريعن موجب جوابدارن طرفان فريادي ڌر سان راڄوڻي فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

ان سلسلي ۾ نينگر جي امڙ (ڪ) ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته هڪ ته منهنجي پٽ سان زبردستي اجتماعي بدفعلي ڪئي ويئي آهي ۽ موبائل تي وڊيو ٺاهي ويئي آهي ٻيو وري پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران فيصلو ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي.

هن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرائڻ جي گهر ڪئي.