پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ اسڪول اڄ کلي ويا

news

اسلام آباد: (سومر 13 جنوري 2020ع) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪول سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ اڄ کان کلي ويا آهن.

ٻنهي صوبن ۾ ٿڌ ۾ واڌ کان پوءِ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي موڪلن ۾ 12 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ اڄ کان اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون بحال ٿي ويون آهن.

ان کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ پهرين جنوري کان ختم ٿيندڙ موڪلن ۾ 7 جنوري تائين اضافو ڪيو ويو هو. صوبي ۾ 22 ڊسمبر کان سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون شروع ٿيڻ جي شروعات ٿي هئي.