کپروشهر جي ملاح پاڙي ۾ ٻه مهينا اڳ ڪتي ڏاڙهيل نينگري فوت

news

کپرو: کپرو شهر جي ملاح پاڙي ۾ ٻه مهينا اڳ ڪتي ڏاڙهيل 8 سالن جي  نينگري  افشان  ڌي عبدالستار  ملاح مبينا طور تي تعلقا اسپتال کپرو مان ايڪسپائر ويڪسين هڻڻ سبب اڄ  وفات ڪري  وئي، نينگري جي وفات سبب گھر ۾ امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا آهن.

جڏهن تـ فوت ٿي ويل نينگري جي پيءُ عبدالستار ملاح ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ منهنجي ڌي کي ڇتي ڪتي کاڌو هو وقت تي تعلقا اسپتال کپرو مان ويڪسين ڪونه ملي مارڪيٽ مان انجيڪشن لڳرايا هئا پوءِ تعلقا اسپتال کپرو ۾ ايڪسپائر انجيڪشن هنيا هئا جنهن ڪري منهنجي نياڻي جي طبيعت سخت خراب هئي. جيڪا مسلسل بيمار ٿيڻ سبب فوت ٿي ويئي جنهن کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.