مڙس ڏهه، ڏهه ڏينهن وهنجي نه ٿو نه وري ڏند صاف ٿو ڪري، زال پاران طلاق جو فيصلو

news

نئين دهلي: ڀارت جي شهر بهار سان تعلق رکندڙ 20 ورهين جي ناري پنهنجي مڙس کي ڪنو هئڻ جو ڪارڻ ڏيئي ساڻس کان طلاق جو فيصلو ڪري  ورتو آهي.

ناري مڙس کان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪندي عدالت سان رابطو ڪيو، 20 ورهين جي ڀارتي ناري عدالت ۾ شڪايت داخل ڪندي چيو ته سندس مڙس ۾ انسانن واري ڪا به شئي موجود نه آهي.

اسٽيٽ ويمن ڪميشن 20 ورهين جي ناري سوني ديوي جي شڪايت ٻڌڻ کان پوءِ کيس 23 ورهين جي مڙس منيش رام کي ٻن مهينن جو وقت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن مهينن ۾ هو پنهنجو عادتون نه ٿو سڌاري ته سندس خلاف ايڪشن کنيو ويندو.

20 ورهين جي ناري جو چوڻ هو ته سندس مڙس پلمبر آهي جيڪو 10، 10 ڏينهن تائين وهنجي نه ٿو نه وري هو ڏند صاف ٿو رکي، کيس ڳالهائڻ جي تميز به نه آهي، نه وري اٿڻ ويهڻ جو ڪو ڊنگ اٿس. کائڻ کان وٺي سمهڻ تائين به ناهي لڳندو آهي ته هو انسان آهي.

ناري جو چوڻ آهي ته مان ساڻس سان وڌيڪ گڏ رهڻ نه ٿي چاهيان. مان کيس وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهان، مان به هڪ انسان آهيان. هن منهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي.

انهي معاملي بابت جڏهن سندس مڙس کان پڇيو ويو ته هن چيو ته اسان گڏ رهڻ چاهيون ٿا مان ٻن مهينن ۾ پنهنجون عادتون درست ڪندس، جيئن منهنجي زال چاهي ٿي ائين ئي ڪندس.