جوهي ڀرسان ڳوٺ پٽ سليمان وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

news

جوهي:  جوهي واهي روڊ ڳوٺ پٽ سليمان وٽ موٽر سائيڪل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ شير محمد ٽالپر جو رهواسي عبدالحفيظ ٽالپر پٽ گل حسن طور ڪئي وئي آهي.

چيو پيو وڃي ته نوجوان موٽر سائيڪل ذريعي پاڻي جون جهريون کڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ڳوٺ پٽ سليمان وٽ ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي ويو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.