تاريخ جا اهي بدقسمت مسافر جهاز جنهن کي ميزائل هڻي ڪيرايو ويو

news

لاهور: (اڱارو 14 جنوري 2020ع) سڄي دنيا ۾ مسافر جهازن کي مختلف ملڪن جي فوجن طرفان ڪيرائڻ جي تاريخ هاڻ نئين ناهي رهي اهڙي طرح جا 1973ع کان هينئر تائين ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.

تازو ئي يوڪرين جو بوئنگ 737 جهاز 08 جنوري 2020 تي ايراني ميزائل حملي ۾ تباهه ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 176 ڄڻا مارجي ويا هئا.

ان کان اڳ 17 جولاءِ 2014 تي يوڪرين ملائيشيا جي بوئنگ 777 جهاز کي ڪيرايو هو جنهن جي نتيجي ۾ 298 مسافر مارجي ويا هئا.

23 مارچ 2007 ۾ بيلاروس ايئرلائين جو اليوشين 76-11 جهاز صوماليه ۾ ڪيرايو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا هئا. 

4 آڪٽوبر 2001 ۾ يوڪريني ميزائل جي ذريعي بحيره اسود ۾ سائيبيريا ايئرلائين جو روسي ٽوپوليو 154 کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 78 ڄڻا مارجي ويا هئا.

3 جولاءِ 1988 تي ايران ايئر جي ايئربس اي 300 کي ايران جي حدن ۾ آمريڪا نشانو بنايو جنهن جي نتيجي ۾ 290 مسافر مارجي ويا هئا جن ۾ 66 ٻار به شامل هئا.

1988ع ۾ آمريڪا ايران جو مسافر جهاز ڪيرايو ۽ ان حادثي تي ڪابه معافي نه گهري پر جهاز ڪيرائيندڙ آفيسر کي ايوارڊ سان نوازيو ويو.