ٻئين عالمي جنگ جا ٻه سئو پنجاهه ڪلو وزني ٻه بم هٿ ڪيا ويا

news

جرمني: (اڱارو 14 جنوري 2020ع) اوڀر جرمني جي شهر ڊورٽمنڊ ۾ ٻئي عالمي جنگ جي بمن جي موجودگي جي اطلاع ملي جنهن کان پوءِ شهر مان 14 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي 2 بمن کي ڳوليو ويو آهي. اختيارين خبردار ڪيو آهي ته اتحادي فوج طرفان جنگ جي دوران ڪيرائڻ کان پوءِ نه ڦاٽندڙ بم شهر جي وڌيڪ آبادي وارن حصن جي چئن هنڌن تي دفن ٿي ويا هئا. 

ڊورٽمنڊ شهر جي سرڪاري ٽوئٽر تي اعلان ڪيو ويو هو ته تعميراتي ڪم جي دوران مزدورن کي ان حوالي سان ڪجهه خبر پئي آهي. اطلاع کان پوءِ بم جي ڳولا ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 250 ڪلو گرام وزني 2(برطانوي ۽ آمريڪي) بم مليا جنهن کي محفوظ بنايو ويو آهي.

جڏهن ته وڌيڪ 2 بمن جي به ڳولا ڪئي وئي پر اهي نه ملي سگهيا.

واضح رهي ته جرمني ۾ ان کان اڳ به گذريل سال سيپٽمبر ۾ شهر هينوور ۾ ٻئي ايٽمي جنگ جو 250 ڪلو گرام وزني بم مليو هو.