هڪ ئي اسڪرين تي ٻن مختلف ماڻهن جي لاءِ مختلف پيغامن جو تجربو

news

لاهور: (اڱارو 14 جنوري 2020ع) ڇا اهو ممڪن آهي ته ڊسپلي بورڊ هڪ هجي ۽ ان تي هڪ ئي وقت ۾ 2 مختلف تصويرون يا پيغام لکيل هجن.

ساڄي پاسي بيٺل ماڻهن کي الڳ پيغام نظر اچن ۽ کاٻي پاسي بيٺل ماڻهن کي مختلف ٽيڪسٽ ڏسڻ ۾ اچن. سائنس ڏينهن به ڏينهن ترقي جي راهن تي گامزن آهي ۽ هاڻ اهو به ممڪن آهي ان متوازي حقيقت کي(پيرالل رئيلٽي) نوٽيس بورڊ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ڊيٽرائٽ شهر ۾ اهڙو اولين بورڊ هنيو ويندو. ان بورڊ ۾ هڪ ئي وقت ۾ 2 ماڻهو 2 مختلف پيغام ڏسي سگهن ٿا.

کاٻي پاسي بيٺل ماڻهو کي بورڊ جي ڄاڻ عربي جي هسپانوي ۾ ڏسڻ ۾ ايندي ۽ ساڄي پاسي بيٺل ماڻهو کي انگريزي يا فرينچ ۾ اهي پيغام پڙهڻ لاءِ ملندا. ان کي ٺاهڻ جو مقصد مصروف ايئرپورٽ جي ٽيڪسٽ سان ڀريل بورڊ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ آهي.

عام طور تي اهڙا بورڊ ڀريل رهندا آهن ۽ فلائٽ جي ڄاڻ آهستي آهستي مٿي هيٺ يا کاٻي پاسي يا ساڄي پاسي هلندي رهندي آهي پر پيرالل رئيلٽي جي ذريعي هڪ ئي بورڊ تي 2 يا ان کان وڌيڪ ڊسپلي ظاهر ڪري سگهجن ٿا. ٻنهي پيغامن کي پڙهڻ جي لاءِ ماڻهن کي ڏسڻ جو طريقو تبديل ڪرڻو پوندو. ان بورڊ کي سافٽ ويئر جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو جنهن ۾ روشني ۽ پڪسل کي مختلف زاوين سان نشر ڪيو ويندو.

ڊيلٽا ايئر لائين جي سي او او گل ويسٽ ان کي انقلابي ٽيڪنالاجي قرار ڏنو آهي. اهڙي بورڊ جي ذريعي مصروف ترين ماڻهو تمام گهڻي سهوليت سان پنهنجي فلائٽ ۽ ايندڙ سفر جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. اميد آهي ته اهڙي طرح جا ڊسپلي هن سال جي وچ تائين ڊيٽرائٽ هوائي اڏي جي زينت بڻجي سگهندا.