ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ پ پ ڪائونسلرن ۽ چيئرمين وچ ۾ اختلاف نه نبري سگهيا، شهر گندگي جي ور چڙهيل

news

ٽنڊوڄام: ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ پيپلزپارٽي ڪائونسلرن ۽ چيئرمين وچ ۾ اختلاف نه نبري سگهيا، شهر ۾ صفائي جو ڪم ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل، هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳي ويا، روڊ رستن تي نيڪاسي جو ڪنو پاڻي بيٺل، وبائي بيماريون ڦهلجڻ لڳيون، شهرين جو احتجاجي مظاهرو.

رپورٽ موجب ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪائونسلرن، ميونسپل چيئرمين ۽ سي ايم او وچ ۾ هلندڙ اختلاف نه نبري سگهيا آهن. جنهن سبب ٽنڊوڄام شهر جي مختلف علائقن ۾ صفائي جو ڪم گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل آهي جنهن سبب ٽنڊوڄام شهر جي مختلف علائقن ميرڪالوني، مير پاڙو، ڄام گهر، لياقت ٽائون، سخي وهاب ٽائون، مڇي مارڪيٽ، مظفر آباد ڪالوني، ڪريم آباد ڪالوني، غريب آباد، الياس باغ ڪالوني، رشيد ڪالوني، اوڏ ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ نيڪاسي جو ڪنو پاڻي روڊ رستن تي بيهجي ويو آهي.

جنهن سبب هڪ طرف وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ته ٻئي پاسي شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جڏهن ته شهر ۾ گندگي ۽ ڪنو پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي. جڏهن ته مير پاڙي جي رهواسين صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي.

ان موقعي تي فهيم ميمڻ، رياض خاصخيلي، علي باقر ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ميونسپل ۾ سياسي اختلافن سبب شهري عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شهر اندر صفائي عملو ڪم نه ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري گٽرن ۽ نالين جو ڪنو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل آهي ۽ هر طرف گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن. هنن چيو ته ٻارن جو اسڪول وڃڻ، عورتن جو رستن تان گذرڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي، ڪيترائي ڀيرا اسڪولي ٻارڙا ڪني پاڻي ۾ ڪري چڪا آهن.

هنن دانهيو ته ڪيترائي ڀيرا ميونسپل آفيس ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ميونسپل آفيس ۾ نه ته چيئرمين ٿو ويهي ۽ نه ئي سي ايم او اچي رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرائڻ جي گهر ڪئي.