سکر جي گھوٽڪي ضلعي جي سرحد ۾ بيحس پٽ معذور پيرسن ماءُ کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو

news

سکر: سکر جي گھوٽڪي ضلعي جي سرحد ۾ بيحس پٽ معذور پيرسن ماءُ پيرين اگھاڙي کي گھر نيڪالي ڏئي ڇڏي. پيرسن عورت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

گھوٽڪي ضلعي جي محلي شفيع آباد جي رهواسي معذور پيرسن عورت بيگم خاتون قريشي  بيحس پٽ خالد ۽ ننهن خالده جي ظلم خلاف سرحد پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو تہ بناڪنهن سبب جي سندس  ننهن خالدہ ۽ پٽ خالد کيس ۽ سندس نوجوان ڌيءُ مٿان تشدد ڪري تذليل ڪرڻ بعد پيرين اگھاڙو گھران ڪڍي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته  سندس مڙس ڪافي عرصو اڳ فوت ٿي ويو آهي پر ننهن خالدہ هر روز ڪنهن نہ ڪنھن بهاني جھيڙو ڪري تذليل ڪندي آهي ۽ هن جو مڙس خالد به ماءُ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ زال جي چوڻ تي ساڻس ۽  ننڊين ڀينرن ۽ ڀائرن سان جھيڙو ڪندو آهي پيرسن عورت جو چوڻ هو ته هو پٽ ۽ ننهن کان بيزار آهي، هن انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.