ايران ۾ يوڪرين جي جهاز کي ٻه ميزائل هنيا ويا: نئين وڊيو سامهون اچي وئي

news

تهران: (اربع 15 جنوري 2020ع) ايران ۾ ڪرندڙ يوڪرين جي جهاز جي هڪ ٻئي نئين وڊيو سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز کي هڪ نه پر 2 ميزائلن سان نشانو بنايو ويو.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز مبينه طور تي سي سي ٽي وي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز کي ايراني فوجي اڏي کان صرف 4 ميل پري کان نشانو بنايو ويو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پهريان هڪ ميزائل فائر ڪيو ويو جنهن کان پوءِ فائر ڪيل ميزائل جهاز کي نشانو بنايو يوڪرين جي سيڪيورٽي چيف جو چوڻ آهي ته ميزائل جهاز جي ڪاڪ پٽ جي هيٺيان لڳو جنهن سبب ٻئي پائلٽ موقعي تي ئي مارجي ويا.

ايراني سيڪيورٽي اختيارين جهاز کي وڊيو ٺاهيندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. 3 جنوري تي آمريڪا بغداد ۾ ميزائل حملا ڪري ايراني قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ ايران طرفان سخت رد عمل ظاهر ڪندي بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو. 8 جنوري جي صبح ايران جوابي ڪارروائي ڪندي عراق ۾ موجود آمريڪي فوج جي ٻن هوائي اڏن کي ميزائلن سان نشانو بنايو جنهن ۾ 80 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر آمريڪا ان حملي ۾ ڪنهن به آمريڪي فوجي جي مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جي ترديد ڪئي آهي.

جنرل قاسم سليماني جي قتل کان پوءِ ايران آمريڪا ڇڪتاڻ جي دوران 8 جنوري تي يوڪرين جي مسافر جهاز ايران ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 176 ڄڻا مارجي ويا هئا. جهاز تهران کان يوڪرين جي گادي واري شهر ڪفا وڃي رهيو هو جنهن ۾ 82 ايراني ۽ 63 ڪينيڊا جا شهري به سوار هئا.

آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ٻين مغربي ملڪن طرفان الزام لاڳو ڪيو پيو وڃي ته جهاز کي ايران ميزائل کان نشانو بنايو  پر ايران ڪيترائي ڀيرا جهاز کي نشانو ٺاهڻ وارن بيانن جي ترديد ڪئي. ايران واقعي جي جاچ ۾ تعاون جو به اعلان ڪيو ۽ آمريڪا کي جاچ جي لاءِ دعوت ڏني. پر عالمي دٻاءُ کان پوءِ ايران جهاز کي ڪيرائڻ جو اعتراف ڪري ورتو هو.