پبجي راند کيڏڻ وارن لاءِ وڏي خبر

news

لنڊن: موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر تي کيڏي ويندڙ مشهور راند پبجي انتظاميا پاران نوان نقشا تيار ڪري ورتا آهن. پبجي انتظاميا پاران فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن جيڪي اصل ۾ نون نقشن جون آهن. پبجي راند تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪمپني پاران تمام جلد گيم ۾ ٻه نوان نقشا شامل ڪيا ويندا ۽ پراڻي ميپ مرمار کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.

پبجي گيم پاران جاري ڪيل تصويرن ۾ پهرين تصوير  جو اهو ڪيپشن ڏنو ويو آهي ته تيز ۽ خاموش پر تيزي سان جان وٺندڙ، جڏهن ته ٻئي تصوير ۾ ڏٺو وڃي ته نئين ميپ جي آهي جيڪا پهرين ميپن کان بلڪل مختلف آهي. جڏهن ته تصوير مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته اها زمين جي بلڪل اندر آهي ۽ انهي ۾ هڪ پنڃرو ۽ سون جون سرون پڻ نظر اچي رهيون آهن.