روسي وزيراعظم ۽ ڪابينا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

news

ماسڪو: روس جي وزيراعظم دمتري ميديدوف  صدر ولادي مير پيوٽن سان اختلافن سبب ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
روسي ميڊيا موجب وزيراعظم دمتري ميديدوف  ۽ ان جي سڄي ڪابينا مستعفي ٿي وئي آهي، حڪومت جي استعفيٰ روسي صدر پيوٽن جي قوم کي ساليانا خطاب کانپوءِ ڏنو ويو، جنهن ۾ هن روسي آئين ۾ سڌارن جون تجويزون پيش ڪيون.
رپورٽ موجب روسي صدر پيوٽن استعيفيٰ منظور ڪندي وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو نئين حڪومت جي جوڙڻ تائين نگران حڪومت جي حيثيت سان ڪم جاري رکن.
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دمتري ميديدوف مستعفي ٿيڻ کان پهرين روسي صدر کان ملاقات ڪئي ۽ ان کان قوم کي خطاب جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي پيوٽن ان کي روسي قومي سلامتي متعلق اهم اداري روسي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي نئين عهدي جي منصوبي بابت آگاهه ڪيو ۽ هن کي ان عهدي جي پيشڪش به ڪئي.
غير ملڪي ميڊيا موجب روسي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان پيش رفت جو تعلق روسي آئين ۾ ٿيندڙ انهن سڌارن ۽ تبديلين سان آهي جنهن متعلق پيوٽن قوم کي پنهنجي خطاب ۾ ذڪر ڪيو.