پشاور ۾ ڪڪڙ جو گوشت هڪ هفتي ۾ پنجويهه روپيه ڪلو مهانگو ٿي ويو

news

پشاور: (خميس 16 جنوري 2020ع) پشاور ۾ برائلر ڪڪڙ جي گوشت ۾ گهڻي طلب کان پوءِ قيمتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. مرغي جو گوشت هڪ هفتي ۾ 25 روپيه في ڪلو گرام مهانگو ٿي ويو.

شهرين وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پشاور ۾ ڪڪڙ جي گوشت ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي.

هڪ هفتي جي دوران في ڪلو ڪڪڙ جي قيمت ۾ 25 روپين جو اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ قيمت 161 روپين کان ٽپي 176 روپيه ٿي وئي آهي.

شهرين ڪڪڙ جي قيمتن ۾ اضافي تي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي. چون ٿا ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي ته جيئن شهرين کي رليف ملي سگهي.

ٻئي طرف دڪاندارن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ فيڊ ۽ ڪڪڙ جي ٻچن جي قيمتن ۾ اضافي سبب پولٽري جي ڪاروبار ۾ گهٽتائي آئي آهي. قيمتن ۾ اضافي جو سبب پنجاب کان خيبرپختونخواهه ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي سپلائي گهٽ ٿي وئي آهي.

ڪڪڙ جي قيمتن ۾ اضافي جي ٻين سببن ۾ حڪومت طرفان پولٽري انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ جا قدم نه کڻڻ به شامل آهي.