والاريل ڪشمير: سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري وارو اجلاس، ڀارٽي ظلمن ۽ پابندين تي بحث

news

نيويارڪ: (خميس 16 جنوري 2020ع) ڪشمير جي صورتحال تي لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ظلمن جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري وارو اجلاس ٿيو.

والاريل وادي جي تازه ترين صورتحال ۽ ڀارتي پابندين جي حوالي سان غور ڪيو ويو. گڏيل قومن جي مبصرين اجلاس کي بريفنگ ڏني. سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري وارو اجلاس پاڪستاني وقت موجب اربع جي رات ساڍي 9 بجي شروع ٿيو جيڪو اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهيو. فوجي مبصرين طرفان بريفنگ کان پوءِ ڪائونسل جي ميمبرن وچ ۾ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ڪائونسل جي سمورن 15 ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ته ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو آهي. اجلاس کان پوءِ گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل سفير زينگ جن صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪشمير جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي زميني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان دنيا کي خبردار ڪيو ۽ چيو ته اجلاس ۾ ڪشمير تي ڳالهين جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي حوصله افزائي ٿئي. ڳالهين جي ذريعي مسئلي جي حل جي راهه سڌي ٿي. ڪشمير هميشه کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. چين جو ڪشمير جي معاملي تي موقف بالڪل واضح آهي. وادي جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. روس جي مستقل سفير دمتري پوليانسڪي سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي بند ڪمري واري اجلاس ۾ ڪشمير جو معاملو بحث هيٺ آيو اسان پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ جا خواهشمند آهيون.

دمتري پوليانسڪي جو چوڻ هو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته شمله معاهدي ۽ لاهور اعلاميي جي بيناد تي ٻطرفن ڪوششن جي ذريعي ٻنهي ملڪن جا اختلاف ختم ٿي وڃن. نيويارڪ ٽائمز موجب هڪ سفارتڪار ٻڌايو ته اجلاس جي دوران چين جو مطالبو هو ته ڪشمير ۾ يو اين اي جي مبصر مشن تي نظرثاني ڪئي وڃي. پر ٻين ميمبرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته معاملو ٻطرفين ڳالهين سان حل ٿيڻ  گهرجي. ياد رهي ته پنج مهينن دوران ڪشمير جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو هي ٻيون اجلاس آهي.