ڪينيڊا جو رهواسي اک تي ڪيمرا لڳائڻ کان پوءِ(آءِ بورگ) بڻجي ويو

news

ڪينيڊا: (خميس 16 جنوري 2020ع) ڪينيڊا جو رهواسي روب اسپينس پنهنجي اک ضايع ٿيڻ تي ڪيمرا لڳرايو آهي جيڪو 30 منٽن جي وڊيو ٺاهي سگهي ٿو.

اک ۾ ٽرمنيٽر جي طرح ڳاڙهي روشني جو حلقو به نظر ايندو آهي پر هو پاڻ کي ٽرمنيٽر جي بجاءِ آءِ بورگ چوي ٿو. جيڪو سائي بورگ جيان هڪ لفظ آهي. 2008 ۾ ان جي کاٻي اک تي گولي لڳي هئي جنهن کان پوءِ ان کي ڪڍڻو پيو هو. ان کا پوءِ مصنوعي يا پٿريلي اک لڳائڻ جي بجاءِ روب پنهنجي اک ۾ ڪيمرا لڳائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي جنهن سان هو ماڻهن جا انٽرويو رڪارڊ ڪندو رهي.

واضح رهي ته ان جي اک جو ڪيمرا ڪنهن دماغي عضوي سان ناهي جوڙيو ويو ۽ ان جي لاءِ اک ضايع ٿيڻ کان پوءِ هي سسٽم کيس ڏسڻ ۾ ڪابه مدد فراهم ناهي ڪندو. ڪيمرا واري اک کي آن ڪري هن کي ڏسڻو پوندو آهي ۽ اک ڇنڀڻ دوران ئي ڪيمره جي رڪارڊنگ شروع ٿي ويندي آهي جنهن کي موبائل فون يا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائن نشر به ڪري سگهجي ٿو.

منصوعي اک نما ڪيمري سان گڏ سرڪٽ بورڊ، چارج جي قابل بيٽري ۽ هڪ وائرليس ٽرانسميٽر به لڳايو ويو آهي. هن وقت اسپينس وٽ 2 مصنوعي اکيون آهن. هڪ مصنوعي اک وٽ جڏهن ننڍو چڪمڪ آندو وڃي ٿو ته ان جي ڳاڙهي روشني ٻرڻ شروع ٿي ويندي آهي  ۽ هو ٽرمنيٽر جيان ڏسڻ ايندو آهي. ٻئي اک ۾ وڊيو ڪيمره لڳل آهي جيڪا رڪارڊنگ جو ڪم ڪندي آهي.

هو ٻنهي اکين کي ڪنهن زيور جيان بدلائي بدلائي استعمال ڪندو آهي. اهڙي طرح هن جو جڏهن به وڊيو ٺاهڻ جو دل ڪندو آهي ته روب ڪيمري واري اک لڳائيندو آهي. روب کي تمام گهڻي خوشي ملندي آهي جڏهن ان کي ڪوبه ماڻهو آءِ بورگ جي نالي سان سڏيندو آهي.