هڪ سر مان اٺن سرن ۾ بدلجندڙ زنده سيمنٽ

news

لاهور: (خميس 16 جنوري 2020ع) هر شيءَ ۾ اسمارٽ جو نالو ٻڌو پيو وڇي ۽ هاڻ ماهرين اسمارٽ سيمنٽ به ٺاهي ورتو آهي. اهڙي طرح سيمنٽ سازي ۽ تعميراتي صنعت کي ماحول دوست بنائي سگهجي ٿو.

بولڊر ۾ واقع ڪولارڊو يونيورسٽي جي پروفيسر ول سروبر ۽ سندس ساٿين هڪ قسم جي بيڪٽيريا سائني ڪوڪس کي ڪيترن ئي شڪلن جون سرون ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو آهي. ان جي لاءِ پهريان ريت، جيلاٽن ۽ ڪجهه غذائي شين واري مائع ۾ بيڪٽريا شامل ڪيون ويون آهن.

ان کان پوءِ جيئن ئي ان ملغوبي کي حرارت ۽ سج جي روشني ڏني وئي ته بيڪيٽريا ريتي جي ذراتن تي ڪيلشيئم ڪاربونيٽ جون تهون ڪجهه اهڙي طرح چاڙهي ڇڏيون جيئن سامونڊي گهونگهي پنهنجي خول جي چوڌاري ڄمائيندا رهندا آهن. ٻئي مرحلي تي جيلائن جي ڪري پورو مسالحو ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ سخت ٿي ويندو آهي.

ان کان پوءِ وڌيڪ خشڪ ڪري سر وڌيڪ سخت بنائي ويندي آهي جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳندا آهن. اهڙي طرح ٺهندڙ مٽيريل هوبهو ڪنڪريٽ جيان هوندو آهي جنهن ۾ مٽي، ريتي ۽ سيمنٽ ۾ پاڻي ملائي ان کي مضبوط ڪيو ويندو آهي پر هي تجربو طبعي طور تي ٿورو ڪمزور هوندو آهي يعني جهڙي طرح سيمنٽ کان سواءِ مٽي ۽ ريتي جي ڪمزور سر ٺهندي آهي اهڙي ئي طرح سر وجود ۾ ايندي آهي ۽ باقاعده مضبوط سرن سان ان جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي پر ان عمل ۾ هڪ فائدو اهو هوندو آهي ته مڪمل طور تي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ بيڪٽريا وارو سيمنٽ پاڻ وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي.

ڏٺو وڃي ته ان مان ٺاهيل سر تي جيڪڏهن  وڌيڪ مٽي ۽ غذائي شين وارو محلول وڌو وڃي ته آهستي آهستي سر وڌڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ ڪجهه وقت ۾ هڪ کان 2 سرون ٺهي سگهن ٿيون. ماهرن پاران به تجربي گاهه ۾ هڪ کان اٺ سرون ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.