دنيا جي محفوط شهرن جي لسٽ ۾ لاهور جي ڇاونجاهين نمبر تي ترقي

news

لاهور: (خميس 16 جنوري 2020ع) عالمي ڪرائم انڊيڪس سروي ۾ دنيا جي محفوظ ترين شهرن جي لسٽ ۾ لاهور جي 56هين نمبر تي ترقي ٿي آهي.

ورلڊ ڪرائم انڊيڪس نمبيو جي تازي رينڪنگ ۾ لاهور جو دنيا جي 374 شهرن مان 230 نمبر رهيو. سروي ۾ ڪنهن به شهر جا نمبر وڌڻ جو مطلب ان شهر ۾ ڏوهه جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. رپورٽ موجب شهر ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.

2019 جي شروعات ۾ لاهور سروي موجب 174هين جڏهن ته گذريل سال جي وچ ۾ 202 نمبر تي هو. سروي موجب محفوظ شهرن جي تازي درجه بندي ۾ لاهور پيرس، نيويارڪ، برلن، شڪاگو، روم ۽ ڊربن کان به گوءِ کڻي ويو.

رپورٽ موجب ڪيپيٽل سٽي پوليس لاهور جي طرفان مناسب وسيلا ۽ فنڊن جي گهٽتائي جي باوجود نسبتن بهتر ڏوهه فائٽنگ حڪمت عملي اپنائي وئي. 2014 کان لاهور ۽ ڪراچي کي محفوظ شهرن جي درجه بندي ۾ مسلسل بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.

2014 ۾ لاهور محفوظ شهرن جي درجه بندي ۾74هين جڏهن ته ڪراچي ڇهين نمبر تي هو.