گهوٽڪي ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ ويندڙ پوليس اهلڪار دل جو دورو پوڻ سبب فوت

news

گهوٽڪي: گهوٽڪي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪرڻ لاء وڃڻ دوران کوهارا واسي پوليس اهلڪار دل جو دورو پوڻ سبب رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو.

پوليس موجب پوليس اهلڪار محمد يعقوب ٽڳڙ عادلپور ويجهو ڳوٺ کوهارا جو رهواسي هو جيڪو گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي حسب دستور تيار ٿي ڊريس پائي وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ ئي دل جو دورو پيو ۽ هو فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي اهلڪار جو مڙه گهوٽڪي اسپتال آڻي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو کيس ٽن پٽن چئن نياڻين جو اولاد آهي.