ڪوٽ لالو ڀرسان شهريار وساڻ جي گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻه ڄڻا شديد زخمي

news

فيض گنج (رپورٽ: احسان ڀنگو) ڪوٽ لالو ڀرسان شهريار وساڻ جي گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا شديد زخمي،

شهريار وساڻ ۽ ايم پي اي منور وساڻ معجزاڻي طور محفوظ، ڪوٽ لالو ڀرسان ضلعي چيئرمين خيرپور شهريار وساڻ ۽ ايم پي اي منور وساڻ ڪراچي کان ڳوٺ اچي رهيا هئا ته مهراڻ هاءِ وي تي جلال پمپ وٽ سندن ويگو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ بعد گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي،

جنهن جي نتيجي ۾ ٻانڌي واسي موٽر سائيڪل سوار بهرام خان ميرجت ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين شهريار وساڻ جو گن مين امير حسين جسڪاڻي شديد زخمي ٿي پيا،

جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار زخمي بهرام خان ميرجت کي نازڪ حالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو،

جڏهن ته ضلعي ڪائونسل خيرپور چيئرمين شهريار وساڻ ۽ ايم پي اي منور وساڻ معجزاڻي طور محفوظ رهيا،  ويگو گاڏي تباهه بڻجي چڪي آهي.