مسو ڀرڳڙي ۾ گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، رهواسي سخت پريشان

news

مسوڀرڳڙي:  34 سال پهرين تعمير ٿيندڙ گندي پاڻي جي نيڪال وارو سرشتو مرمت نه ٿيڻ ۽ نيڪال واري سرڪاري کڏ تي قبضا ٿيڻ کان پوء ڇوڙ واري کڏ اوور ٽاپ ٿي وئي،

کڏ جو گندو پاڻي شھر جي مينگھواڙ  پاڙي  ۾ ڪاھجي پيو آھي ، گھٽين  گلين ۾  گندو پاڻي بيھڻ ڪري پورھيت مينگھواڙ گھرن تائين محدود بنجي ويا آھن آن حوالي سان مينگھواڙ پاڙي  جي رھواسين پورھيت مرچو مل ، ڪيول رام ، رميش ڪمار ۽ ٻين  چيو ته مسوڀرڳڙي جو ڊرينيج سسٽم 34 سال پراڻو  آهي ۽  ڇوڙ  واري کڏ پاڻي سان ڀرجي وئي آهي کڏ تي چئو طرف قبضا ٿي ويا آھن.

جنهن سبب کڏ جو گندو پاڻي اوور ٽاپ ٿي گھٽين ، امام بارگاهن ۽ گھرن ۾ داخل ٿي ويو آهي کڏ جي بدبوءِ جي ڪري مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آھن جنھن سبب ماڻھون بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن.

ھنن چيو ته  ڪمشنر حيدرآباد ، پ پ پ ايم اين اي ،  ايم پي اي ۽ انساني حقن جي تنظيمن  کان مطالبو ڪيو ٿا  ته مسوڀرڳڙي شھر جي ڊرينيج سسٽم کي بحال ڪري ڇوڙ واري کڏ  تي ٿيل قضا ختم ڪرايا وڃن ھنن چيو ته گھٽين ۾ گندو پاڻي بيھڻ ڪري گھرن تائين محدود بڻيل آھيون.

مزدوري تي به گوڏي جيڏي پاڻي کي جھاڳي پوء وڃو ٿا ، ھنن چيو ته پاڻي ٻن مھينن کان گھرن ۽ گھٽين ۾ بيٺل آھي جيڪڏھن ھاڻ به پاڻي نيڪال نه ٿيو ته اسان غريبن جا ڪکاوان اجھا ڊھي پٽ پئجي ويندا ھنن چيو ته خدارا اسان جي واھر ڪئي وڃي.