ميرپور ماٿيلو: جروار ۾ ھڪ ئي ڪٽنب جا ٽي گھر ڀاتي اکين جي روشني کان محروم، علاج جي اپيل

news

ميرپور ماٿيلو( رپورٽ: وقار اختر ملڪ) جروار ۾  ھڪ ئي ڪٽنب جا ٽي گھر ڀاتي اکين جي روشني کان محروم,وس آھر علاج ڪرائڻ باوجود اکين جي روشني واپس نه ٿي,سنڌ حُڪومت چونڊيل نمائندا سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي جيئن ٻچڙن جي روشني واپس ٿي ,والد پريتم داس،

خبر موجب:جروار ڀرسان ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ ھڪ ڪٽنب جا ٽي ڀاتي اکين جي نور کان محروم بڻيل آھن ,ان جي والد پريتم داس ميڊيا کي ٻُڌايو ته منھنجا ٽي پُٽ نارائڻ داس,شيوڪ رام , ۽ نريش ڪمار گزريل ڪافي سالن کان اکين جي روشني کان پري ٿيل آھن,

ھُن وڌيڪ چيو ته منھنجا پٽ پيدائش بلڪل صحيح ھُيا ٻن سالن کان بعد  ٽئي پٽ  اکين جي روشني کان محروم ٿيندا ويا  مون تُرت وس آھر طر جي ڊاڪٽرن سميت ڪراچي تائين وڃي  ڪافي علاج ڪرايو پر روشني واپس نه ٿي,

ان چيو ته ھاڻي گھر ۾ طاقت نه آھي جو علاج ڪرائي سگھان ھاڻي ھن ميڊيا زريعي ڊي سي گھوٽڪي سميت چونڊيل نمائندن کي ھٿ ٻڌي اپيل ٿو ڪيان ته مو مسڪين مٿان رحم ڪري ٻچن جي علاج ڪرائي اکين جي روشني واپس ڪرائي وڃي.