ڪوٽڙي جي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ لاءِ پنجاب نئون رينگٽ شروع

news

سکر: ڪوٽڙي جي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ لاءِ پنجاب نئون رينگٽ شروع ڪري ڇڏيو، ارسا ۾ پنجاب جي نمائندي جو چوڻ آهي ته پاڻي ضايع پيو ٿئي ڊيم جو ٺهڻ لازمي آهي.

ارسا ۾ پنجاب جي نمائندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اهو پاڻي ذخيرو نه ڪيو ويو ته ايندڙ نسل بک ۽ بدحالي سبب مري ويندو، اُن ڪري ضروري آهي ته نوان ڊيم ٺاهجن.

سينيٽ جي پاڻيءَ بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر محمد يوسف جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس ۾ ارسا ۾ پنجاب جي نمائندي رائو ارشاد علي خان چيو ته ساليانو 2 ڪروڙ 90 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ وهايو وڃي ٿو،

ان پاڻي کي ذخيرو ڪري بنجر زمينن کي زرخيز بڻائي سگهجي ٿو پر بدقسمتي سان پاڻي 1976ع کان ضايع ٿي رهيو آهي، آبادي وڌي رهي آهي ۽ جيڪڏهن اهو پاڻي جو ذيان نه روڪيو ته اسان جو ايندڙ نسل بک ۽ بدحالي سبب مري ويندو.