سکر جي احتساب عدالت نيب راولپنڊي کي خورشيد شاهه کان جيل اندر جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

news

سکر: سکر جي احتساب عدالت نيب راولپنڊي کي خورشيد شاهه کان جيل اندر جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ملڪ جون حالتون خراب آهن فيصل واوڊا جيڪا حرڪت ڪئي آهي ان سان دشمن کي خوشي ملي آهي آرمي چيف جي مدي واڌ تي اپوزيشن پهرين ڏينهن کان راضي هئي ته فائنل فيصلو وزيراعظم ڪري.

احتساب عدالت سکر جي جج امير علي مهيسر جي عدالت آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت نيب جي داخل ڪرايل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه. سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاهه. زيرڪ شاهه. ٻه گهرواريون. صوبائي وزير اويس شاهه. جنيد شاھ ۽ ٻيا پيش ٿيا نيب ريفرنس ۾ رهيل جوابدارن  جي ڄاڻايل ڪرپشن جا دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ويا.

نيب راولپنڊي  عدالت ۾ خورشيد شاهه کان جاچ ڪرڻ لاء ڏهه سوالن تي ٻڌل سوالنامي بابت پڇا واري درخواست تي نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب خورشيد شاهه جي وفاقي وزارت واري دور ۾ او پي ايف هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪو ايف ڊبليو او کي ڏيڻ جي حوالي سان جاچ ڪرڻ چاهي پئي جنهن تي عدالت نيب راولپنڊي کي خورشيد شاهه کان جيل اندر جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏيندي آمدني کان وڌيڪ ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي 3 فيبروري تائين ملتوي ڪئي آهي.

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪي حالتون بهتر ناهن آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ لاء اپوزيشن جماعتون راضي هيون ته مدي ۾ واڌ جو فائنل اختيار وزيراعظم جو آهي پر عمران خان جي باڊي لينگويج مان لڳي پيو ته اهو سنجيده ناهي سندس چوڻ هو ته فيصل واوڊا جيڪا ٽي وي شو ۾ حرڪت ڪئي آهي.

ان جو ميسيج سٺو ناهي آيو ان سان ملڪ جي دشمن کي خوشي ملي آهي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ملڪي حالتون خراب آهن سوچي سمجهي ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي. جيڪي وزير نٿا مڙن انهن کي وزيراعظم ڳالهائڻ کان روڪي.