بدين ويجهو شهيد فاضل راهو جي ٽيٽيهين ورسي تقريب، اڳواڻن مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري

news

بدين:   پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙو  چيو آھي  ته شھيد فاضل راهو عوامي ليڊر هو هارين ۽ پورهيتن جي دردن کي پنهنجو ڏک سمجهندو هو.

سندس سياست جو محور عوام ھو راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي 33 هين ورسي موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي  ھن وڌيڪ چيو تہ فاضل پنھجي شاندار پر ڏکين جدوجھدن ۾ بہ ڪامياب ٿي پنھجو نالو روشن ڪيو نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته فاضل راھو پنھجي ڪردار ۾ ھڪ يونيورسٽي ھو  شھيد ڀٽو بي نظير ۽ شھيد فاضل راھو عوامي آئیڊل ۽ ھيرو ھئا .

اڄ به  عوام جي دلين زندھ آھن ھن چيو تہ ڀٽو ذوالفقار شھيد بي نظير شھيد فاضل عوام جي حڪمراني جو نعرو  اڄ سنڌ توڙي ملڪ  جي ماڻھن جي جياپي جو اھڃاڻ آھي  سنڌ جي ماڻھن انھن پنھجي اڳواڻن ذريعي ڪالا باغ ڊيم ايم آر ڊي جوجھد يا آمرن خلاف  جدوجھدون ھلائي ڪاميابيون ماڻيون.

هن وڌيڪ چيو ته  عمران حڪومت  ڪروڙ نوڪريون پلاٽ ڏيڻ جا ڪوڙا نعرا ھڻي ھاڻ قبر جا پلاٽ ڏيڻ جي ڳالھ ڏيڻ  تي پھتا آھن  ھنن وٽ 16 ارب ڊالر پيا اھن پر عوام تي خرچ ڪرڻ لاء تيارنہ  آھن اين ايف سي ايوارڊ جي گهر جا گهر ڪريون ٿا تہ  کين ڏکي ڳالھہ ٿي لڳي سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي .

نيازي عمران خان مشرف جو حمايتي جنھن ريفرڊم تي عوام کان معافي ورتي ورتي جنھن پارليامنٽ کي گاريون ڏنيون اڄ ھو پاڻ انھي پارليامنٽ م ڇو ويٺو آھي  اسان  کي ماضي جي جوجھدن جيان حڪمرانن خلاف جنگ جوٽڻي آھي   شھيد فاضل راھو جي فرزند ۽ صوبائي وزير  محمد اسماعيل راهو  خطاب ڪندي چيو ته اسان به شھيد جي راه تي گامزن آھيون.

ھن چيو تہ فاضل پنھجي سياسي زندگي ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن سميت غريبن کي انصاف ڏيارڻ لاء  ھر جدوجھد م سپھہ سالار ٿي اڳين صفن ۾ بيھي وڙھيو فاضل وڏين ڳالھين ڪرڻ بجاء عملي طور ڪم ڪري  ڏيکارڻ جو مثال ھو  پنھجي سياسي عملي زندگي ذريعي اڻپڙھيلن شاگردن ھارين مزدورن جي جا  لشڪر تيار ڪياشھيد فاضل راهو شھيد ڀٽو شھيد بي نظير پنھجي جدوجھد ذريعي  تاريخ ۾ نہ مٽجندڙ مثال ڇڏيا  اڄ بہ فاضل جو خاندان سندس ڏسيل واٽ تي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ جدوجھدن ۾ شامل اھي شامل رھندو.

هن چيو ته وفاق ۾ موجود حڪمران ھٽلر جي واٽ تي ھلي رڳو ڪوڙ ۾ رڌل آھن پر پ پ پ قيادت کي غريبن جي جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ واري پارٽي آهي ايم پي اي تاج محد ملاح چيو ته شھيد فاضل راهو ڏاهو هو مسڪينن غريبن جو همدرد ۽ دوست هو ماڻھن جي وچ ۾ طبقاتي نظام ختم ڪيو.

 شھيد فاضل راهو جي پٽ اسلم راهو چيو ته شھيد فاضل راهو هڪ تحريڪ جو نالو آھي پورهيتن لاء جيل ڪٽيا هارين کي زميندار ڪيو.

ان موقعي تي ايم اين اي  مير غلام علي ٽالپر  پير نورالله خورشيد جوڻيجو حاجي رسول بخش چانڊيو ارباب لطف الله غلام قادر پليجو  ٻين  خطاب ڪيو.

جڏھن تہ پ پ چئیرمین بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ذاتي مصروفتين سبب ورسي تقريب ۾ نہ پھچي سگھيا.