ميرپورخاص ۾ اڳوڻي ايم پي اي خير النساءَ مغل پريس ڪانفرنس ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺي

news

ميرپورخاص: پي پي پي ميرپورخاص ڊويزن جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم پي اي خيرالنساءَ مغل چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا مخالف هڪ سوچيل سمجهيل سازش هيٺ سندس خلاف بهتان بازي واري مهم هلائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس مخالفن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل هڪ مخصوص ٽولي هڪ اهڙي معاملي سان کيس سلهاڙڻ جي ڪوشش جنهن سان هن جو ڪو به تعلق نه هو.

هن چيو ته هڪ مخصوص بيانيئي جي پيروي ڪندڙ هڪ ٽي وي چينل ۽ سوشل ميڊيا تي اهي خبرون هلايون ويون ته منهنجي گهر تي پوليس ڇاپو هڻي ڪجه ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ پوليس منهنجي گهر نه پر اسلم قريشي نالي هڪ شهري جي گهر تي ڇاپو هڻي اتان مبينا طور جواري پڪڙڻ جي دعوا ڪئي هئي.

پوليس پاران داخل ڪيس ۾ پڻ منهنجو يا منهنجي خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جو نالو شامل ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو ان معاملي سان ڪو تعلق هو ئي ڪونه.  اسان هن شهر جا اشراف، معزز ۽ قانون جي پوئيواري ڪندڙ شهري آهيون ۽ پيپلز پارٽي جي قائم ٿيڻ کان وٺي سياست ۾ آهيون.

هن چيو ته نجي چينل ۽ اخبار پاران سندس خلاف هلايل ڪوڙين خبرن تي هو انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪندي. خيالنساع مغل وڌيڪ چيو ته والد جي وفات بعد سندس چاچي سندس مٿي تي هٿ رکڻ بدران هن جِي جائداد تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڃان تائين ان لاءِ سازشون سٽيندو رهي ٿو.

مونکي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته مون سميت منهنجي ڪٽنب کي بدنام ڪيو ويندو ۽ اسان کي اُگرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

خيرالنساءَ مغل چيو ته هن سميت سڄي ڪٽنب کي سندس چاچي شاهنواز مغل ۽ سندس سالي ڊي ايس پي محبوب لنڊ مان زندگين کي خطرو آهي. چاچو ۽ سندس سالو ڊي ايس پي محبوب لنڊ ۽ ڪجھ سياسي مخالف مون خلاف مختلف ڪوڙيون افواهون هلائي رهيا آهن.