مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي حڪومتي قدمن جي خلاف درخواست داخل

news

لاهور: (:ڇنڇر 18 جنوري 2020ع) مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي حڪومتي قدمن جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي.

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت طرفان مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي خلاف درخواست ايڊووڪيٽ اظهر صديق طرفان داخل ڪئي وئي.

درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته حڪومت اٽي سميت ٻين شين جون قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي. درخواست ڏيندڙ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته عدالت حڪومت کي مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ۽ قيمتن ۾ تازي اضافي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب ۾ اٽي چڪي جي مالڪن اٽي جي قيمت ۾ 6 روپيه في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ اٽي جي قيمت 64 روپين مان وڌي 70 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي.

پنجاب کان علاوه ڪراچي ۾ به اٽي جي قيمتن ۾ 2 روپيه واڌ کان پوءِ في ڪلو اٽي جي قيمت 66 روپيه ٿي وئي آهي.