عورتون ڏاڙهي وارن مردن کي گهڻو پسند ڪنديون آهن: آسٽريليا جي يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق

news

لاهور: (:ڇنڇر 18 جنوري 2020ع)   هڪ آسٽريلوي تحقيق ۾ اها ڳالهه  سامهون آئي آهي ته عورتن کي ڏاڙهي وارا مرد گهڻو پسند هوندا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آسٽريليا جي يونيورسٽي آف ڪوئنزلينڊ جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گهڻيون عورتون ڏاڙهي وارن مردن کي پسند ڪنديون آهن. ان جو سبب اهو آهي ته ڏاڙهي وارا مرد عورتن جي نظرن ۾ وڌيڪ پرڪشش هوندا آهن ۽ انهن کي جسماني ۽ سماجي اعتبار سان طاقتور سمجهيو ويندو آهي.

ان تحقيق ۾ سائنسدانن 18 کان 70 سالن جي عمر وارين 1 هزار کان وڌيڪ عورتن کي 3 مختلف مردن جون 30 تصويرون ڏيکاريون ويون. خبرون ڏيندڙ اداري موجب سڀني کان وڌيڪ عورتن ان مردن جي اهڙين تصويرن کي وڌيڪ پسند ڪيو جن ۾ انهن کي ڏاڙهي هئي.

تحقيقاتي ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر ٽيسا ڪارڪسن جو چوڻ آهي ته عورتن جي پسنديدگي جي ان معيار جا ڪيترائي سبب آهن. پهريون اهو ته ڏاڙهي سان گڏ مرد جسماني طور تي مضبوط ۽ سماجي اعتبار سان غالب نظر ايندا آهن.

هن جو چوڻ هو ته  ٻيو سبب اهو آهي ته ڏاڙهي سان گڏ مرد جي چهري جا تاثرات وڌيڪ مردانه لڳندا آهن ۽ چهري  جا اهڙا حصا ڏاڙهي ۾ لڪي ويندا آهن جيڪي عورتن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش ناهن هوندا.