رانا ثناءُالله اڳواڻن جي ٻاهر ڀڄڻ کان پوءِ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 18 جنوري 2020ع) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رانا ثناءُالله پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر(ن) ليگي اڳواڻن جي ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ تي رانا ثناءُالله پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي.

هن چيو ته رانا ثناءُالله چوي ٿو ته ميان صاحب جيڪڏهن اسپتال مان گهر وڃي سگهي ٿو ته هوٽل ۾ به وڃي سگهي ٿو ان جو مطلب آهي ته ميان صاحب ٺيڪ آهي ۽ هوٽل کان سڌو جيل به وڃي سگهي ٿو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رانا ثناءُالله پهريان اندروني جهيڙي ۾ مبتلا پنهنجي قيادت جي وچ ۾ پارٽي مڊٽرم چونڊون ڪرائي.

اوهان جي سياسي ساک هن وقت ختم ٿي چڪي آهي ۽ اوهان جا اڳواڻ مٿي تي پير رکي ڀڄي ويا آهن. جنهن ڪيس ۾ اوهان کي ضمانت ملي آهي ان جو ٽرائل اڃان رهيل آهي ان تي ڌيان ڏيو.

فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته رانا ثناءُالله حڪومت جي بجاءِ پنهنجي اڳواڻن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري جنهن پنهنجي ڪارڪنن کي ٻيهر ڌوڪو ڏنو ۽ انهن جو اعتماد وڃايو.