سڄي ملڪ جي جيلن ۾ ايڊز سبب متاثر چار سئو پنجويهه قيدين جو انڪشاف

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 18 جنوري 2020ع) سڄي ملڪ جي جيلن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي 425 قيدين جو انڪشاف ٿيو آهي.

سڄي ملڪ جي جيلن ۾ بيمار قيدين جي رپورٽ موجب جيلن ۾ بيمار قيدين جو انگ 2192 آهي.  قيدين جي حقن تي ٺاهيل عدالتي ڪميشن جي رپورٽ موجب پنجاب جي جيلن ۾ 255 مرد ۽ 2 عورتون ايڇ آءِ وي ايڊز  جا مريض آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 115 مرد ۽ هڪ عورت کي ايڇ آءِ وي ايڊز جو مرض آهي. خيبرپختونخواهه ۾ 39 مرد قيدي ايڇ آءِ وي ايڊز جي بيماري ۾ مبتلا آهن. جڏهن ته بلوچستان جي جيلن ۾ 13 قيدي ايڇ آءِ وي ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن.

سڄي ملڪ جي جيلن ۾ 65 سيڪڙو کان وڌيڪ  اهڙا قيدي آهن جيڪي بنا ڪنهن سزا جي قيد آهن. پنجاب جي جيلن ۾ 290 مرد ۽ 8 عورتون ذهني مرضن ۾ مبتلا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 50، ڪي پي ڪي ۾ 235 ۽ بلوچستان ۾ 11 قيدي ذهني مريض آهن.