ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ نٿو گبول واسي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: وقار اختر ملڪ)  دادلغاري ويجھو ڳوٺ نٿوگبول جو رھواسي ابراھيم پتافي ء اللہ ڏتو پتافي جو ملڪ برداري جي ماڻھن سونارو ملڪ، گلزار ء خان محمد ملڪ جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ابراھيم پتافي الزام ھڻندي ٻڌايو تہ ڪجھ عرصو اڳ مٿي ڄاڻيل ماڻھن جي بابا مرحوم لونگ ملڪ کان پنج ايڪڙ  زرعي زمين خريد ڪئي ھئي.

جنھن جا پيسا مان انکي موقعي تي ادا ھيا جنھن جو اسٽام پيپر بہ پڻ موجود آھي وڌيڪ ان ٻڌايو تہ مرحوم ملڪ اچانڪ  بيماري سبب فوت ٿي ويو آھي ھاڻي انجا پٽ سونارو ملڪ ،گلزار ء خان محمد ملڪ وارا منھنجي خريد ٿيل زمين جو کاتو مونکي نٿا ڏين.

ء منھنجي پنج ايڪڙ زمين تي مونکي اچڻ نٿا ڏين ء زمين متان قبضو ڪري ويٺل آھن ء فصل بہ پوکڻ نٿا ڏين ء بلاجواز مون سميت منھنجي ڀائرن مٿان پوليس جي مدد اسان مٿان  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسمينٽ ڪري رھيا آھن.

انھن ايس ايس پي گھوٽڪي ء روينيو کاتي جي عملدارن کان نوٽس وٺي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.