مبارڪپور ۾ سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم پاران لوڪ ادب بچايو مارچ ، ٽن صوبن جي ڏات ڌڻين جي شرڪت

news

مبارڪپور( رپورٽر)  لوڪ ادب جي وارثي ڪري لوڪ ادب جو الڳ ادارو جوڙڻ لاء سگھڙن جي تنظيم سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم سلات جي باني چيئرمين ۽ لوڪ ادب بچايو تحريڪ جي سربراھ  عاجز رحمت الله لاشاري جي اڳواڻي ۾ نامياري بزرگ شاعر عالم عبدالغفور ھمايوني جي درگاھ کان لوڪ ادب بچايو مارچ ڪڍي ھٿن ۾ لوڪ ادب جا ڪتاب ۽ شاھ جو رسالو کڻي نارا ھڻندا ڏھ ڪلو ميٽر مارچ ڪري پريس ڪلب مبارڪپور پھتو.

جنھن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سميت صوبي پنجاب ۽ بلوچستان جا ناميرا ڏات ڌڻي شامل ھئا مارچ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري تعليمي ماھر استاد سگھڙ استاد گل حسن گل ملڪ ، مولا بخش شيدي، بدرالدين ڪيھر صوبي پنجاب جي صدر غلام نبي شيخ ،صوبي بلوچستان جي ڏات ڌڻي غلام نبي ڪنراڻي ،حاڪم رند، فقير نزاقت رڏ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لوڪ ادب اسان جو قومي ادب آھي پر حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن ان کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي .

ھنن مطالبو ڪيو جيستائين سنڌي لوڪ ادب جو الڳ ادارو قائم نه ڪيو ويندو تيستائين اسان جو پرامن احتجاج جاري رھندو ھماين شريف کان نڪتل کوڪ ادب بچايو مارچ ۾ معصوم ٻارڙن ، نوجوان سگھڙن ۽ وڏي عمر وارن ڏات ڌڻين جو انگ شريڪ ھو مبارڪپور:لوڪ ادب جي وارثي ڪري لوڪ ادب جو الڳ ادارو جوڙڻ لاء سگھڙن جي تنظيم سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم سلات جي باني چيئرمين ۽ لوڪ ادب بچايو تحريڪ جي سربراھ  عاجز رحمت الله لاشاري جي اڳواڻي ۾ نامياري بزرگ شاعر عالم عبدالغفور ھمايوني جي درگاھ کان لوڪ ادب بچايو مارچ ڪڍي ھٿن ۾ لوڪ ادب جا ڪتاب ۽ شاھ جو رسالو کڻي نارا ھڻندا ڏھ ڪلو ميٽر مارچ ڪري پريس ڪلب مبارڪپور پھتو.

جنھن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سميت صوبي پنجاب ۽ بلوچستان جا ناميرا ڏات ڌڻي شامل ھئا مارچ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري تعليمي ماھر استاد سگھڙ استاد گل حسن گل ملڪ ، مولا بخش شيدي، بدرالدين ڪيھر صوبي پنجاب جي صدر غلام نبي شيخ ،صوبي بلوچستان جي ڏات ڌڻي غلام نبي ڪنراڻي ،حاڪم رند، فقير نزاقت رڏ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لوڪ ادب اسان جو قومي ادب آھي پر حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ادبي ادارن ان کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي .

جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي ھنن مطالبو ڪيو جيستائين سنڌي لوڪ ادب جو الڳ ادارو قائم نه ڪيو ويندو تيستائين اسان جو پرامن احتجاج جاري رھندو ھماين شريف کان نڪتل کوڪ ادب بچايو مارچ ۾ معصوم ٻارڙن ، نوجوان سگھڙن ۽ وڏي عمر وارن ڏات ڌڻين جو انگ شريڪ ھو.