پونسٽان سيرپ ٺاهيندڙ ڪمپني مارڪيٽ مان دوائن جي واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني فائزر پونسٽان سيرپ جي هڪ بيچ جي دوائن کي مارڪيٽ مان واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني ترجمان موجب پونسٽان سيرپ جي 1953001 بيچ ۾ ٺهندڙ سڀني دوائن کي مارڪيٽ مان واپس گهرايو ويو آهي، جڏهن ته جزوي استعمال جي صورت ۾ به دوا کي ڪمپني ۾ واپس موڪليو وڃي.
ڪمپني جي ان بيچ جي سڄي دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ سيرپ مارڪيٽ ۾ ويل آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ به ان بيچ جا 1300 سيرپ مارڪيٽ ۾ ويا هئا، جن کي فوري طور تي واپس گهرايو ويو آهي.
ڪمپني ترجمان جو چوڻ آهي ته دوا جي مارڪيٽ مان واپسي جو سبب مضر صحت هئڻ ناهي، بلڪه ڪمپني هڪ حڪمت عملي تحت ائين ڪيو آهي.