دنيا جو سڀ کان ننڍو قد رکندڙ انسان لاڏاڻو ڪري ويو

news

کٽمنڊو: دنيا جو سڀ کان ننڍو قد رکندڙ انسان ڪهاجنڊرا ٿاپا مگار جيڪو هلڻ ڦرڻ جي صلاحيت به رکندو هو، نيپال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
گنيز ورلڊ رڪارڊ رکندڙ ڪهاجنڊرا ٿاپا مگار جي گهروارن موجب هو نيپال جي شهر پوڪارا جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو جمعي جي ڏينهن نمونيا جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪهاجنڊرا ٿاپا مگار جو قد 2 فوٽ ۽ تقريبن اڍائي انچ هو، هو پنهنجي گهروارن سان گڏ نيپال جي گادي واري هنڌ کٽمنڊو ۾ رهندو هو.
ان جي ڀاءُ مهيش ٿاپا مگار خابرو ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته هو ڪيترائي ڀيرا نمونيا سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو پر هن دفعي ان جو دل به متاثر ٿيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪهاجنڊرا ٿاپا مگار کي 2010ع ۾ ان وقت دنيا جو سڀ کان ننڍي قد جي انسان هئڻ جو اعزاز مليو، جڏهن هو 18 سالن جو هو پر بعد ۾ اهو اعزاز نيپال جي ئي شهري چندره بهادر دنگي جي نالي ٿي ويو.
چندره بهادر دنگي جو قد ٻه فوٽن کان به گهٽ يعني 21 انچ 49 سينٽي ميٽر هو پر 2015ع تي ان جي وفات کانپوءِ اهو اعزاز واپس ڪهاجنڊرا ٿاپا مگار وٽ هليو ويو.
گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب هن وقت دنيا جي سڀ کان ننڍي قد جو انسان فلپائن جو جنري بلائنگ آهي، جنهن جو قد 59.93 سينٽي ميٽر (59. 23 انچ) آهي پر هو هلي ڦري نٿو سگهي ۽ نه ئي سهاري جي بغير بيهي سگهي ٿو، ان لاءِ في الحال اهو اعزاز ڪولمبيا جي ايڊورڊ ”نينو“ برنينڊ جي نالي آهي جنهن جو قد 27.64 انچ آهي.