مورو بار جي چونڊيل نئي باڊي جي حلف وفاداري تقريب، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس آغا فيصل پهتو

news

مورو: مورو ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل چيو آهي ته نوجوان وڪيلن کي گهرجي ته پنهنجي پيشي سان سچائي سان ڪم ڪن ته سندن نالو روشن ٿيندو ۽ مظلوم عوام کي انصاف ڏيارڻ لاء سچائي سان محنت ڪري انهن کي انصاف ڏيارين اهڙو اظهار هن مورو بار جي سال 2020 جي چونڊيل نئي باڊي جي حلف وفاداري تقريب دوران آيل وڪيلن، شهرين، ججن ۽ صحافين کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته جوڊيشري کي گهرجي ته هو به پنهنجا فيصلا ايمانداري ۽ سچائي سان ڏين ته جيئن ڪنهن مظلوم ماڻهن سان ظلم نه ٿيئي ۽ کين پنهنجو حق ملي وڃي سچائي سان ڪم ڪرڻ ۾ الله ۽ ان جو رسول به راضي رهي ٿو ۽ هو هن جهان سميت آخرت ۾ سرخرو ٿيندا.

هن چيو ته مورو بار جي لائيبرري لاءِ جيترو به ٿيندو اوترو ان جي مدد ڪئي ويندي ان موقعي تي هن سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شهيد عبدالرزاق سومرو جي نالي سان منسوب مورو بار لائيبرري جو افتتاح پڻ ڪيو ان کان پهرين مورو بار جي صدر امين الدين خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري قادر بخش ڪورائي، عبدالوحيد ميمڻ، علي رضا ڪانڌڙو، نذير احمد راجپوت سميت ٻين وڪلين کي حلف کڻايو جڏهن ته تقريب دوران کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ٽوپي، پٽڪو، رلي، شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جو رسالو، شير حيدر جي نالي سان تلوار، تنبوري سميت ٻيا کوڙ تحفا پيش ڪيا،

ان بعد رٽائرڊ جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ عبدالرسول ميمڻ چيو ته مان هڪ غريب اخبار کپائڻ وارو هئس ۽ محنت ڪري هن منزل تائين پهتس ۽ پنهنجي پيشي سان سچائي ۽ ايمانداري سان نڀايو آهي مون کي مورو شهر ۾ پيدا ٿيڻ تي فخر آهي ۽ مورو شهر ڪيترائي مشهور ليکڪ، اديب، شاعر، دانشور ۽ آفيسر پيدا ڪيا آهن هن وقت به مورو جا ڪيترائي شخص سيشن جج، سول جج، جوڊيشنل مئجسٽريٽ جيڪي سنڌ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔

ان موقعي تي سيشن جج امداد حسين کوسو، سول جج فاروق ڪلهوڙو، ايڊيشنل سيشن جج نديم احمد پٺاڻ، جج اياز علي ڪناسرو، جج سعادت علي شاھ، وڪيل ارباب چانڊيو، وڪيل سعيد احمد چانڊيو، وڪيل غلام الله ميمڻ، وڪيل صائمه ڪورائي، وڪيل تھمينه ڪورائي، وڪيل فهد رضا ميمڻ، وڪيل فقير بخش سومرو، وڪيل عبدالوحيد ميمڻ، وڪيل عبدالقيوم راهوجو، وڪيل مير نواز ڪلهوڙو، وڪيل حاڪم علي جسڪاڻي، وڪيل اصغر چانڊيو، وڪيل خالد کوسو، فقير بخش سومرو، وڪيل سجاد علي مستوئي، قربان ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.