نوابشاهه ۾ سميرا ڪالوني جي رهواسي مستوئي برادري جو پوليس خلاف احتجاج

news

نوابشاهه:  نوابشاهه جي علائقي سميرا ڪالوني جي رهواسين مستوئي برادري جي عورتن ۽ مردن تعلقي ٿاڻي جي پوليس خلاف ڊاڪٽر ياسين مستوئي، امين مستوئي، ثناء الله مستوئي، مسمات بختاور، مسمات ايمڻا ۽ ٻين جي اڳواڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آهي.

گذريل رات پنهنجي گهر ۾ سُتل هئاسين ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس اسان جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ اسان جي عورتن تي تشدد ڪري اسان جي ٻن نوجوانن شاهه رخ مستوئي ۽ بخشل مستوئي کي موٽر سائيڪل چوري جي الزام ۾ کڻي ويا آهن،

هنن چيو ته اسان جا نوجوان ڪنهن به چوري ۾ ملوث ناهن ۽ پوليس بلاجواز اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان جي عورتن تي تشدد ڪري اسان جي نوجوانن کي کڻي وئي آهي،

هنن چيو ته اسان غريب آهيون ۽ پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي، هنن چيو ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس اڳ ۾ به اسان جي ٻنهي نوجوانن کي رات جو دير سان کنڀي کڻي وئي هئي ۽ وري رات به دير سان انهن کي کنڀي کڻي وئي آهي،

هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته پوليس ڪٿي ڪوڙي ڪيس ۾ اسان جي نوجوانن کي ڦاسائي نه ڇڏي، هنن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.