سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي سيڪنڊ سينئر سول جج شڪارپور جو شوگر مل جو دورو

news

نوابشاهه :  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي سنڌ ايمپلائيز ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي چيڪ ڪرڻ لاءِ سيڪنڊ سينئر سول جج شڪارپور سميع الله قريشي کي سنڌ  جي سوشل سيڪيورٽي ادارن ۽ ورڪر ويلفيئر بورڊ  کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ۽ پورهيتن جا مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

جنهن نوابشاهه ۾ سوشل سيڪيورٽي ڊسپينسري آفيس چيڪ ڪيو انهي موقعي تي هُن مريضن جي او پي ڊي جو رڪارڊ چيڪ ڪيو، دوائون ڏٺيون ۽ ادارن جي رجسٽريشن چيڪ ڪئي انهي موقعي تي هن چيو ته رجسٽريشن گهٽ ادارن جي ٿيل آهي ۽ جيڪي به ادارا پورهيتن کان ڪم وٺي رهيا آهن.

اهي ادارا رجسٽريشن ڪيا وڃن ۽ نوابشاهه ۾ صرف 12 ادارا رجسٽريشن ٿيل آهن انهي بعد هُن حبيب شوگر مل جو دورو ڪيو جتي شوگر مل يونين جا عهديدار مختيار ملاح، احسان ماٽي، امان الله ڏاهري، وطن دوست مزدور فيڊريشن جو عبدالعزيز عباسي ملاقات ڪئي انهي موقعي هن معلومات ورتي ته گهٽ اجرت واري فيصلي تي عمل ٿئي ٿو يا نه شوگر مل انتظاميه هن کي ٻڌايو ته 17 هزار 500 روپيا پگهار ڏني وڃي ٿي.

هن کي وڌيڪ ٻڌايو ته ميڊيڪل جي سهولتن لاءِ ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد آهي ۽ تصديق لاءِ پورهيت مريضن جا بل سکر ڊائريڪٽر آفيس موڪليا وڃن ٿا جنهن سان ٽائيم گهڻو لڳي ٿو وڃي ۽ پورهيت پريشان ٿين ٿا انهي ڪري سکر واري آفيس کي حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو وڃي اتان ئي تصديق ڪئي وڃي.

جڏهن ته کيس اهو به ٻڌايو ويو ته نوابشاهه جي سوشل سيڪيورٽي ڊسپينسري ۾ صرف هڪ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي انهي ڪري هڪ ميل ڊاڪٽر مقرر ڪيو وڃي.

جڏهن ته ڪميشن جي سربراه ڪمشنر سميع الله قريشي کي حيبب شوگر مل ايمپلائيز يونين جي صدر احسان علي ماٽي ۽ جنرل سيڪرِيٽري مختيار احمد ملاح ٻڌايو ته نوابشاهه ۾ ايئرپورٽ گيٽ سامهون 15 سالن کان ڪالوني ٺهيل آهي.

ليڪن اڄ تائين ڪنهن به اداري جي ورڪر کي گهر الاٽ نه ٿيو آهي ۽ ڪيميوسڪو ڀرسان پورهيتن لاءِ فليٽ ٺهيل آهن اهي به ڪنهن کي الاٽ نه ڪيا ويا آهن ۽ انهن جو قبضو هن وقت تائين ورڪر ويلفيئر بورڊ جي حوالي آهي ۽ پورهيت 1980 کان وٺي ڪُڻا ڪڍڻ لاءِ مختلف وقتن تي درخواستون ڏيندا رهن ٿا پر اڄ ڏينهن تائين ڪجهه به نه ٿيو آهي.

انهي موقعي تي سوشل سيڪيورٽي جو ڊائريڪٽر سکر، حيدرآباد سوشل سيڪيورٽي جو ڊائريڪٽر، چيف ميڊيڪل آفيسر سوشل سيڪيورٽي، ورڪر ويلفيئر بورڊ جو ڊائريڪٽر ۽ ٻيا گڏ هئا.