سينئر جج جي مبينه زيادتي: متاثر ڇوڪري سمورو قصو ٻڌائي ڇڏيو

news

سيوهڻ: (آچر 19 جنوري 2020ع)  سيوهڻ ۾ جوڊيشل ميجسٽريٽ امتياز حسين ڀٽو جي هٿان مبينه زيادتي جو نشانو بنجندڙ 18 ساله سلميٰ بروهي پنهنجو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب  شهدادڪوٽ ۾ سلميٰ بروهي ۽ نثار بروهي پسند جي شادي لاءِ گهر مان فرار ٿي سيوهڻ جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ ترسيا هئا جتي 13 جنوري تي ڇوڪريءَ جي وارثن سيوهڻ پهچي ٻنهي کي پڪڙي ورتو. معاملو پوليس تائين پهتو ته پوليس ڇوڪريءَ کي بيان جي لاءِ سينئر جوڊيشل ميجسٽريٽ امتياز ڀٽو جي چيمبر ۾ وٺي وئي جتي ڇوڪريءَ سان زيادتي جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو.

سلميٰ بروهي جي شڪايت تي سيوهڻ پوليس ان جو عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ طبي معائنو ڪرايو جتي ڇوڪريءَ سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي. جنهن کان پوءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ جوڊيشل ميجسٽريٽ امتياز حسين ڀٽو کي معطل ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هوڏانهن سلميٰ بروهي پوليس کي پنهنجو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته مڙس ۽ وڪيل سان گڏ عدالت ويس ته جج امتياز ڀٽو مڙس ۽ وڪيل کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

سلميٰ بروهي ٻڌايو ته جج پنهنجي ڪمري ۾ مون کان پڇيو ته والدين سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي يا مڙس سان گڏ.؟ جنهن تي مون جج کي ٻڌايو ته مان پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي. ان تي جج مون کي زيادتي جو نشانو بنايو ۽ چيو ته مڙس وٽ وڃڻ جو اهوئي رستو آهي.